اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب بهاو الدين ذڪريا ايڪسپريس ۾ سفر دوران عورت سان زيادتي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت?? تي سلمان صوفي جي سربراهي ۾ پي ايم اسٽريٽجڪ ريفارمز عورت مسافرن جي حفاظت لاءِ ريلوي سيڪيورٽي جي طريقيڪار ۾ تبديليون تجويز ڪيون آهن. اسٽريٽجڪ ريفارمز تحت اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ليڊي ريلوي پوليس فورس جي اهلڪارن جون ٽيمون ٽرين اسٽ??شن?? تي مقرر ڪيون وينديون، ان کانسواءِ عورت مسافرن جي رهنمائي ۽ سيڪيورٽي لاءِ ”سفر سهيلي“ موبائيل ايپ لانچ ڪئي ويندي جڏهن ته پرنٽ ٿيل ٽڪيٽ?? تي ايپ ڊائونڊ لوڊ ڪرڻ جون هدايتون هونديون ۽ گڏ ئي ٽڪيٽ?? تي ايمرجنسي نمبر به پرنٽ ڪيو ويندو. ڊگهي سفر لاءِ ريلوي اسٽ??شن?? تي ايل آر پي ايف جي عملي (هڪ عورت سب انسپيڪٽر ۽ 2 عورت ڪانسٽيبل) جون ٽيمون جوڙيون وينديون ۽ ٽرينن ۾ مسافرن جي تعداد موجب ٽيمن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ ٽرينن ۾ ايمرجنسي SOS بٽن نصب ڪيا ويندا، ??ڌي?? پاڪستان جي سمورين ريلوي اسٽ??شن?? تي پوسٽرز، پمفلٽ، هينڊ بلز ۽ اعلانن جي ذريعي عورتن جي حفاظت لاءِ باقاعده آگاهي پروگرام فوري طور تي منعقد ڪيا وڃن، ان کي اليڪٽرانڪ طور تي به نشر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ وڊيو سرويلنس سسٽم (VSS) لڳائڻ سمورين ريلوي اسٽ??شن?? تي حساس ماڳ?? تي لڳايو ويندو، سي سي ٽي وي ڪئميرائون هر بوگي ۾ (ڪوريڊوز ) ۾ لڳايون يونديون ان کانسواءِ فيس ريڪگنشن ڪئميرا ايپ تيار ڪئي ويندي جيڪا چهري جي سڃاڻپ جي ذريعي جوابدارن ۽ ان جي اڳوڻي رڪارڊ کي ٽريس ڪري سگهي ٿي. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته آئوٽ سورس ٽرينن جو ٺيڪو ڏيڻ کان پهرين، مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار بابت ايجنسين – خصوصي شاخ کان ڪليئرنس حاصل ڪئي وڃي، ??ڌي?? پرائيويٽ ڪمپنين کي پهرين کان ڏنل معاهدن جو جائزو ورتو ويندو ۽ مقرر سڀني نجي ملازمن جي ڪردار جي جاچ بابت ايجنسين/ خصوصي يونٽس جي ذريعي ڪئي ويندي، گڏ ئي سڀني ٽرينن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا.