اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گوجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر بل??ل تارڙ جي اوطاق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بل??ل تارڙ تي قاتلاڻو حملو عمران خان جي چوڻ تي ڪيو ويو، الله جو شڪر آهي ته بل??ل تارڙ جي جان محفوظ رهي، معيشت جي جان وٺندڙ هاڻي سياسي مخالفن جي جان وٺڻ جي پويان آهن، پنهنجي لاءِ وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي خيرات گهرندڙ عمران نيازي ٻين جي زند??ي وٺڻ جي پويان آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ڏيندڙن جون دليون سياسي انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيون آهن، گاريون ڏيندڙ هاڻي گوليون هلائڻ تي اچي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان فس??دي مارچ ۾ عبرتناڪ رسوائي کانپوءِ دهشتگردي جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي، هن چيو ته معيشت ۽ عوام جي خلاف معاشي دهشتگردي ڪندڙن جي فس??دي سياست عوام دفن ڪري ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب بل??ل تارڙ ۽ سندس گهروارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن جي زند??ي وٺڻ جي منفي سوچ ڇڏي، ملڪ ۽ عوام جي خلاف پنهنجي ڏوهن تي الله تعاليٰ کان معافي گهري.