اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 153 تحت ڏني وئي آهي. ايوان صدر مان جار?? بيان موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل وزيراعظم جي سربراهي ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ ٽن نامزد وفاقي وزيرن تي ٻڌل ??وندي. ڪائونسل ۾ ٽي وفاقي وزير آرٽيڪل (2) 153 تحت وزيراعظم طرفان نامزد ڪيا ويا آهن. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، واپار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ ريلوي وارو وزير خواجه سعد رفيق ميمبر طور م??رر ڪيا ويا آهن.