اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رب??ني کر سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب حنا رب??ني کر اير??ني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ايران جي مستقل حمايت کي ساراهيون ٿا، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم علائقائي ۽ عا??مي معاملن تي موقف جي هڪجهڙائي خوش آئنده آهي.