مظفرآباد – 31 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي روايتي علاج جي طريقي بدران احتياطي طبي علاج جي فروغ لاءِ ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي قابل قدر انساني وسيلن مان فائدو کڻڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن مظفر آباد ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ پروفيشنلز صحت جي ڪيترن ئي نظرانداز شعبن ۾ مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ??گهن ٿا، جتي آگاهي جي ذريعي واضح فرق پيدا ڪري ??گهجي ٿو، صدر وڌندڙ آبادي، عورتن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي، ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي گهٽتائي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ احتياطي تدبيرن بابت ڊاڪترن جي رهنمائي لاءِ موثر پاليسي تي زور ڏنو، هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ملڪ جي 10 سيڪڙو آبادي ه??پا??ائيٽس جو شڪار آهي جنهن تي تقريبن 3 ارب ڊالر خرچ ايندو آهي، هن چيو ته عورت ڊاڪٽرن کي پنهنجو پروفيشن جاري ??کڻ لاءِ انهن جي صرف حوصلا افزائي ڪافي نه آهي، پر عملي حڪمت عملي جي جوڙجڪ وقت جي ضرورت آهي، هن آن لائين طريقن سان طبي مشاورت ۽ ٽيلي ميڊيسن جي نقطه نظر جي فروغ جي تجويز ڏني ته جيئن عورت ڊاڪٽرز پنهنجي پروفيشن ۾ ڪم جاري ??کي سگهن جيڪي پنهنجي گهريل?? ذميداريون پوريون ڪرڻ لاءِ ملازمتون ڇڏي ڏينديون آهن، هن چيو ته ملڪ کي صحت جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ موجوده 2 لک نرسن جي مقابلي ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، هن چيو ته ميڊيڪل گريجوئيٽ ڊاڪٽر بڻجي انسانيت جي خدمت ۽ همدردي جي عمل ڪن. هن روايتي پيشيوراڻي تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن جي سٺي ڪردارسازي جي اهميت تي زور ڏنو، هن چيو ته ميڊيڪل گريجوئيٽس پنهنجي پروفيشن کي پنهنجو فرض سمجهي ڪري ??دا ڪن ۽ پنهنجي ملڪ جي انسانيت جي مدد ۾ معاونت ڪن، انسانيت جي سارسنڀال کانسواءِ ميڊيڪل جو شعبو نامڪمل آهي، صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هيلٿ سائنسز اينڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جي قيام جي مطالبي جي حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڪشميرين جي حمايت ڪئي ۽ دنيا کي ڪشميرين سان ڪيل واعدا مسلسل ياد ڏيارين??و رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي تازي اجلاس دوران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن کي اجاگر ڪيو ويو، هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمان بنيادي انساني حقن کان محروم آهن. صدر جينوسڊ واچ جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته اقليتن کي شديد نفرت درپيش آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت وادي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ??هي آهي، صدر ڪامياب ٿيندڙ گريجوئيٽس، والدين ۽ استادن کي انهن جي ڀرپور محنت تي مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته خانداني نظام پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي معاشري ??ي خوبصورتي آهي، جنهن سان ملڪ جا شهري پاڻ ۾ جڙيل آهن.