اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ??نهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ??ڌل لاڳاپا هلي رهيا ??هن ??يڪ?? گهڻ رخي تعاون، ڊائيلاگ ۽ يڪجهتي جي مستحڪم بنيادن تي ??ائم آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي تنظيمن امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته تازن سالن ۾ اسان ثالثي، دهشتگردي جي خاتمي، پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ، مسلمانن جي خلاف نفرت جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ سميت اهم شعبن ۾ تعاون ڪيو آهي.