اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڪشش ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري جي منزل جي طور تي اڀري رهيو آهي، پاڪستان م??ڪ جي ڪاروباري ماحول ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مختلف سڌارا متعارف ڪرايا آهن، غير ملڪي واپاري ملڪ جي سيڙپڪار طور ڪاروباري نظام مان فائدو کڻن، ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برونائي داراسلام جي چو??ڊيل هاءِ ڪمشنر الجزائر ۽ يونان جي سفيرن ۽ موريطانيه ۽ البانيا جي چو??ڊيل غير مقيم سفيرن سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيند ڪئي، جنهن ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، برونائي داراسلام جي چو??ڊيل هاءِ ڪمشنر پينگيران عبدالصمد بن پينگيران حاجي ميتاسان، الجزائز جي چو??ڊيل سفير براهيم رونامي، يونان (هيلينڪ ريپبلڪ) جي ڪونسٽنٽينوس مواتس، موريطانيه جي محمد والباه ۽ البانيه جي نامزد سفير ڪسٽ??يو?? روبو هڪ تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي پنهنجون سندون پيش ڪيون، صدر نئين چو??ڊيل سفيرن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام د??را?? ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هو دوست ملڪن سان گڏ معاشي واپاري ۽ ثقافتي تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته آساني ڪاروبار سان غير ملڪي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي، پاڪستان معاشي ترقي لاءِ پنهنجي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپاري ماپو خاص طور روانگي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي، صدر چيو ته دوست ملڪن سان گڏ وسيع البنياد ۽ بامعنيٰ تعاون لاءِ اداره جاتي فريم ورڪ جي ضرورت آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري ڀارت کي جوابده بڻائي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب تڪرار حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري، صدر غير ملڪي سفيرن کي افغانستان جي سنگين انساني صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن کي انسان جي تباهي کان بچائڻ لاءِ انهن جي مدد ڪري.