اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان وڏن شهرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ڇو ته وڏا شهر قومي معيشت جي ترقي جو ??قيقي محرڪ آهن، لاڳاپيل عملدار وڏن شهرن جي ترقياتي اسڪيمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو وڏن شهرن جي منصوبابندي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري ??هيو هو. هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن کان شهري ??لائقن ۾ آبادڪاري ??ي ڪري وڏن شهرن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ??رورتن کي کوٽ ٿي رهي آهي تنهن ڪري ??هو ضروري ??هي ته وڏن شهرن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پيڪيج تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وڏن شهرن جي رهواسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف ترقياتي اسڪيمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائين. هن ه??ايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي ?? گوجرانوالا جهڙن وڏن شهرن جي ترقي ۽ بهتري ??ي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مه?? هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، صنعت واري وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.