اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام کڻي آئي آهي، نئون پاڪستان صحت ڪارڊ دنيا جو منفرد هيلٿ انشورنس پروگرام آهي جنهن جي پوري ??نيا ۾ مثال نٿو ملي، عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري ??يان موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ پنجاب ۾ جاري ??وامي ڀلائي، سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۽ بنيادي صحت جي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس کي هيلٿ ڪارڊ ۽ احساس راشن رعايت پروگرام تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال جنوري کان مارچ تائين پنجاب جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ اجلاس کي احساس راشن رعايت پروگرام تحت گهٽ آمدني وارن ??اندانن کي فراهم ڪيل سبسڊي تي اڳڀرائي ۽ ان سان غربت جي خاتمي جي متوقع مثبت نتيجن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي پنجاب جي وڏن شهرن ۾ جاري ??حساس ڪو به بکيو نه سمهي، لنگر خانن ۽ پناهگاهن تي به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبا ڏهاڙيدار ۽ مزدورن لاءِ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ رليف جو سبب بڻجي رهيا آهن، اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ اسپورٽس ڊرائيو تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ پنجاب ۾ بلدياتي اليڪشن جي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم منصوبن تي تسلي جو اظهار ڪندي جاري ??وامي ڀلائي جي منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ??اهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محم??د ڪياني، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بزدار ۽ پنجاب جي صحت واري ??وبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد شرڪت ڪئي.