اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغا?? عوام کي انساني بح??ان کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري جي افغا?? عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون افغانستان ۾ انساني بح??ان کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو، هاڻي خ??راڪ جي عالمي اداري جي سربراهه الرٽ جاري ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم جي شروعات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ افغا?? عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ عوام کي خ??راڪ جي سخت کوٽ درپيش آه?? ۽ ??رديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري اهو بح??ان خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو هو، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، افغانستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خ??راڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.