اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته ڪامسٽيڪ سمورن اسلامي ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون جي فروغ، فوڊ سيڪيورٽي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ تجربن جي مٽاسٽا ڪري. گڏيل تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڪري انساني زندگين کي بچائڻ جي سلسلي ۾ بک ۽ غذائي تحفظ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومن جي سوچ ۽ نقطه ??ظر ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلين جي مسئلن کي پيش نظر عالمي وسيلن تي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن ڪامسٽيڪ تي زور ڏنو ت?? هو سمورن اسلامي ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون کي فروغ ڏي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي چئلينج جو حل ڳولڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ پنهنجي تجربن ۽ ڪاميابين جي مٽاسٽا ڪري، هو هتي ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ ۾ ورلڊ فوڊ ڊي جي مناسب سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 9 ملڪن جي سفارتڪارن، سائنسدانن ۽ زرعي ماهرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪامسٽيڪ (آرگنائزيشن آف اسلامڪ ڪوآپريشن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن سائٽيفڪ اينڊ ٽيڪنالاجيڪل ڪوآپريشن) ۽ برطانيه – پا??ستان اڪيڊمڪ نيٽ ورڪ”ساوي“ جي وچ ۾ سهڪار کي باقاعده جاري ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چ??و ت?? دفاع ۽ سلامتي سان گڏوگڏ غذائي تحفظ جو رجحان تيزي سان نمايان ٿيو آهي، ان ڏس ۾ بک جي وڌندڙ خطري جي موجودگي ۾ قومون جنگين تي اربين ڊالر ڪيئن خرچ ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ت?? پا??ستان جي وڌندڙ آبادي کي خوراڪ ۽ غذائيت جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن جنهن ۾ غذائي کوٽ بابت پيچيدگين سميت تازن ڄاول ٻارن جي موت، وڌيڪ ٻارن جي پيدائش سان عورتن کي خراب صحت ۽ ٻارن جي ڪمزور ذهني نشو ۽ نما نمايان آهن، هن چيو ت?? حڪومت بلوچستان ۾ پا??ي جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ زير زمين پا??ي جي ذخيرن کي ڀرڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جا منص??با شروع ڪيا، هن فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ پا??ي جي موثر نظام جي لاءِ پا??ستان ۽ ٻين ملڪن پاران عملي قدمن جي تجويز ڏني، ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ت?? هن خوراڪ واري وزارت کان سيٽلائيٽ اميجري تي ڪم ڪرڻ جو چيو آهي ته جيئن فصلن جي ميپنگ کي بهتر طور تي سمجهي سگهجي ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي.