ڪراچي – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفا??ي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مينيج??گ ڊائڪريٽر مبشر حسن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل ارم تنوير سان گڏ ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جو دورو ڪيو. ”اي پي پي ڏکڻ“ جي ريجنل ڊائريڪٽر پرويز اسلم سندس استقبال ڪيو. هن ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جي مختلف حصن جو دورو ڪيو، ”اي پي پي“ جي ايم ڊي مبشر حسن اطلا??ات ۽ نشريات واري وفا??ي سيڪريٽري کي ”اي پي پي“ ڪراچي بيورو جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن کان آگاهه ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي هڪ تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي.