اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مريم صفدر کي چئلينج ڪي?? آهي ته جيڪڏهن اها سمجهي ٿي ته ان جي خلاف ڪيسز ڪوڙ تي ٻڌ?? آهن ته اها فوري طور تي عدالت کان روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي جي درخواست ڪري، ٽن سالن کان مريم سزائن جي خلاف پنهنجي اپيلن ۾ التوا جي پويان لڪي رهي آهي، شريف فيملي جو شيو?? آهي ته جڏهن انهن جو احتساب ٿي رهيو هجي يا ڪا جاچ ٿئي ته اهي بيمار ٿي پوندا آهن، سزائن جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ۾ مريم صفدر التوا لاءِ ڪا نئين شر کڻي ايندي آهي، انهي جي ڪري اپيلن تي ٻڌڻي اڳتي نه وڌي رهي آهي، نواز شريف به ڀڳوڙو بڻجي لنڊن عياشي جي زندگي گذاري رهي?? آهي، پاڪستان جي عوام جو مطالب?? آهي ته پاڪستاني دولت ڦري ٻاهرئين ملڪن ۾ جائيدادون ٺاهڻ، مني لانڊرنگ ڪندڙن جا ڪيسز جلد منطقي انجام تائين پهچايا وڃن. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جولاءِ 2018ع کان نواز شريف ۽ مريم صفدر جي سزائن جي خلاف اپيلون هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيون آهن پر مريم اپيلن تي ميرٽ تي شنوائي ٿيڻ نه ڏئي رهي آهي. اڳ ۾ چوندي هئي ته اپيلن تي فيصلو نه ٿي رهي?? آهي جڏهن عدالت ۾ باقاعده پيشي شروع ٿي آهي ته 10 ڀيرا ان پاران التوا ورتو ويو، وڪيل کي ??ه ڪورونا ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن چيلهه ۾ سوُر. اڄ ان وڪيل ڇڏڻ جي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي ۽ نئين پٽيشن داخل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهيني جو وقت گهري?? آهي. التوا جي پويان لڪڻ (ن) ليگ جي قيادت جو شيو?? آهي، اهي سدائين ڪوشش ڪندا آهن ته انهن جي ڪيسن ۾ التوا ٿئي، شهباز شريف جي ٽي ٽيز جو ڪيس، حديبيه ڪيس ۾ به ائين ئي التوا وٺندا رهيا آهن. شريف فيملي کان جڏهن احتساب جو سوال ٿيو ته اهي سڀ بيمار ٿي پون ٿا. اڄ ته ان جو وڪيل به بيمار ٿي پي?? آهي. هن چيو ته امجد پرويز گذريل هفتي ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن اڳ نيب عدالت ۾ پيش ٿيو پر اپيلن ۾ پيش ٿيڻ کان قاصر آهن. ڪرپشن ڪيس ۾ مريم صفدر کي 7 سال سزا، 2 ملين پائونڊ ڏنڊ، چئن فليٽس جي بينيفشل اونر ثابت ٿي. هن چيو ته سزائن جي خلاف پنهنجي داخل ڪيل اپيلن تي هاڻي فيصلو ٿيڻ ??هر??ي، جيڪڏهن هن چوري ناهي ڪئي ته عدالت روزاني جي بنياد تي ان جي ٻڌڻي ڪري. نيب عدالت کي ??ه ثبوت پيش نه ڪري سگهيا، اميد آهي ته هاڻي نئون قطري خط نه کڻي ايندي. هن چيو ته وزارت عظميٰ جي اميدوار جي ڳالهه ڪندڙ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو پاڻ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جو مقابل?? آهي، ش تي م حاوي ٿي چڪي آهي، پاڻ ۾ ويڙهه تمام وڏي ڪنفيوزن آهي، قيادت جو فيصلو ٽاس تي ٿيندو رهندو. اڄ جي ڏينهن ڪنهن کي قيادت ڪرڻي آهي، احتساب جو عمل پهريون ڀيرو شروع ٿي?? آهي، اڳ ۾ ته هڪ ٻئي سان مڪ مڪا ڪري وٺندا هئا. هن چيو ته سزا يافته ماڻهو ضمانتن تي آهن، روزانو ڀاشن ڏين ٿا ته انهن جي اپيلن جا فيصلا ٿيڻ ??هر??ن. هن چيو ته سياهه چهرا قوم جي سامهون اچي ويا آهن. احتساب جي عمل کان ڀڄڻ نه ڏينداسين، انهن کي قانون جي تابع آڻينداسين.