اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) جي تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان پڻ تجويزون شيئر ??يون ويون آهن، ڪنهن جي اعتراض جي صورت ۾ ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري ??واد حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري شاهيره ش??هد?? پيمرا چيئرمين محمد سليم ۽ صحافتي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي تجويزن تي ٻڌل فريم ورڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آندو آهي، اهي تجويزن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڌرين سان شيئر ??ري رهيا آهيون، انهن تجويزن تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پنج وڏن پريس ڪلبز، صحافتي تنظيمن سان مشاورت ڪئي وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف چيو ته اسان سڀني جو مقص?? رياست جو خيال رکڻ آهي، پي ايم ڊي اي تي وڌيڪ صحافتي تنظيمن سان مشاورت جي لاءِ ذيلي ڪميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا، ذيلي ڪميٽي روزاني جي بنياد تي اجلاس ڪري ??شاورتي عمل کي حتمي شڪل ڏي.