اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ??ها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري پن??نجي ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم پن??نجي ٽوئيٽ ۾ ڪٻاڙ گڏ ڪندڙ هڪ سائيڪل سوار ٻار جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن جي سائيڪل تي قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انشاءَ الله هي اهي پاڪستاني آهن جن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي پاڪستانين کي هيستائين اسان جي رياست نظرانداز ڪيو آهي.