اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انساني معاشري جي بهتري لاءِ تعليم سان تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته علم سان گڏوگڏ معاشري جو درد محسوس ڪرڻ ۽ انڪساري به ضروري آهي، سڄي دنيا ۾ علم تي ٻڌل معيشت جو دور اچي رهيو آهي، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ملي رهيو آهي، نالج اڪانومي جي بنياد تي ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو، معاشري مان بدعنواني جو خاتمو اڻٽر آهي. هو ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي 25 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان م??قعي تي غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي ريڪٽر امين الله خان، اي ڊي شڪيل دراني ۽ پروفيسر وسيم احمد خان به خطاب ڪيو. صدر چيو ته گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن، سندن والدين ۽ استادن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو ڇو ته ان ڪاميابي ۾ انهن سڀني جو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته علم جي ڪا به حد نه آهي، نوجوانن کي ان رستي تي هلندي وڌيڪ علم جي جستجو جاري رکڻ گهرجي. صدر چيو ته دنيا وڏي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ان م??دان ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم سان گڏوگڏ سٺي اخلاق، انساني همدردي ۽ انڪساري اختيار ڪرڻ به ضروري آهي. صدر چيو ته اڄ دنيا ۾ علم جي گهڻائي آهي، چوٿون صنعتي انقلاب وڏي تيزي سان رونما ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي ۾ پاڪستان کي تيار رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ مقابلي جي لاءِ ذهانت کي فروغ ڏيڻو پوندو، هاڻي صرف قدرتي وسيلن جي بنياد تي ڊگهي ترقي ممڪن نه آهي پر ان جي لاءِ ذهانت ۽ فڪر کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ان م??دان ۾ پاڪستان م??ام پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان م??صد جي لاءِ معاشري جي هر طبقي کي پنهنجي حصي جو ڪردار اد?? ڪرڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي ڪفايت شعاري جي فروغ، بدعنواني جي خاتمي ۽ وقت سر درست فيصلن جي اهميت تي زور ڏيندي ان حوالي سان م??جوده حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران وزيراعظم جي انساني همدردي تي ٻڌل سمارٽ حڪمت عملي تحت ملڪ کي ڪاميابي حاصل ٿي. صدر تعليمي اد??رن تي زور ڏنو ته هو تيزي سان بدلجندڙ رجحانن کي نظر ۾ رکندي آن لائين تعليم جهڙا طريقا اختيار ڪر?? تي ڌيان ڏي ته جئين وڌ کان وڌ آبادي کي معياري تعليم تائين پهچ آسان ٿي سگهي. صدر مملڪت غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. ان م??قعي تي ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ امين الله خان ۽ ٻين ايوان صدر ۾ ڪانووڪيشن تقريب جي ميزباني ڪر?? تي صدر جو ٿورو اد?? ڪيو. هن اد??ري جي ڪارڪردگي ۽ نمايان ڪاميابين کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ بهترين انجنيئرز ۽ سائنسدان تيار ڪرڻ جي تاريخ رکي ٿو، هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن جي اهميت جي پيش نظر جديد علم ۾ پروگرام متعارف ??رايا ويا آهن. هن نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي. تقريب ۾ صدر مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سندن سان گڏوگڏ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ميڊلز به ورهايا.