اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڏيون معيشتون رکندڙ ملڪن کان موسمياتي تبديلين جي چئلينج جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع سوچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪند?? چيو آهي ته اسان اميد ڪر??ون ٿا ته دني?? جي وڏين معيشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو لمحو هوندو ته هو پاڪستان جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد لاءِ اڳتي ايندا ۽ جيڪي گئس خا??ج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پوريون ڪوششون ڪر?? رهيا آهن، پاڪستان ان معاهدي جي لاءِ وڙهندو جيڪو پنهنجي شهرين ۽ دني?? جي لاءِ آبهوا کان محفوظ مستقبل فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب برطانوي ??خب??ر دي ٽائمز ۾ شايع پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو ته عالمي آبهو?? جي رسڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل آبهو?? جي اثرن کي پاڪستان جي لاءِ اٺين شديد ترين خطرو قرار ڏنو آهي.