اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر ۽ وقتي اس??يڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌا?? ڌار مبارڪباد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪري??ري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سيڪري??ري محسن بلال، فنانس سيڪري??ري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هنن چيو ته ان??ن جي چونڊ ان??ن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. اس??يڪر ۽ وقتي اس??يڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.