اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر مشاهد الله خان جي ل??ڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. سينيٽ ۾ سينيٽر مشاهد الله خان جي ل??ڏاڻي تي سينيٽ جي تعزيت?? سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ساٿي جي ل??ڏاڻي تي سڀني کي ڏک آهي، هي ايوان هڪ خاندان وانگر آهي ۽ خاص طور تي اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ ايوان جي ڪارروائي ۾ پنهنجي شرڪت ريعي متحرڪ ۽ فعال رهيو هجي ته ان جي کوٽ تمام گهڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته کيس خراج عق??دت پيش ڪرڻ جي ل??ءِ تمام گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، کيس شعر ۽ شاعري سان وڏو لڳاءُ هو. هن چيو ته موت برحق آهي. شبلي فراز چيو ته زندگي ۾ اسان جيڪي سٺا ڪم ڪريون ٿا ۽ جيڪو اسان جو اخلاق آهي، اهو ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.