اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگ?? جي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. ان ??و مقصد اهو آهي ته قيام پاڪستان ??ي رکيل بنياد موجب سمورين اقليتن کي برابر حق فراهم هجن. ذات، پات يا مذهب جي بنياد تي ڪو به تعصب نه هجي. ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادر?? جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت انهي سوچ کي فروغ ڏئي عو??م جي ترقي ۽ هڪجهڙن موقعن فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته مسيحي برادري ??و ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار رهيو آهي، اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، آئنده به اهڙو ماحول پيدا ڪنداسين جنهن سان انهن جو احساس تحفظ برقرار ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا رهن.