پي ايس ڊي پي ۾ پرائم منسٽر انيشي ايٽوز جي لاءِ 80 ارب رپيا مختص

image

اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پرائم منسٽر انيشي ايٽوز جي لاءِ 80 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام سمال لون اسڪيم جي لاءِ 10 ارب رپيا، پرائيم منسٽر يوٿ اسڪل پروگرام جي لاءِ 5 ارب رپيا، پاڪستان ايجوڪيشن فنڊ جي لاءِ 5 ارب رپيا، پرائيم منسٽر ليپ ٽاپ اسڪيم جي لاءِ 10 ارب رپيا، پرائيم منسٽر انيشي ايٽو سپورٽ فار آءِ ٽي اسٽارٽ اپس جي لاءِ 5 ارب رپيا، پرائيم منسٽر اينيشي ايٽو فار اسپورٽس جي لاءِ 5 ارب رپيا، پرائيم منسٽر انيشي ايٽو فار گرين ريوولوشن جي لاءِ 5 ارب ۽ پرائيم منسٽر نيشنل پروگرام فار سولرائيزيشن، ايگريڪلچر اينڊ ٽيوب ويلز پروگرام جي لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں