دوست ملڪن پاران پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي تي يڪجهتي جي اظهار تي ٿورائتا آهيُون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي جانيون زيان ٿيڻ تي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ وارن دوست ملڪن جو ٿورو ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو دوست ملڪن پاران مشڪل جي ان گهري ۾ يڪجهتي جي اظهار جو قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني عوام جي تعاون سان اسان دهشتگردن کي چيڀاٽي ڇڏينداسين ۽ پنهنجي زمين تان انهن جو خاتمو ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں