ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي: صدر

image
APP43-070321 LAHORE: March 07 - President Dr. Arif Alvi addressing during prize distribution ceremony of Master Paints Jinnah Gold Polo Cup 2021 at JPCC Polo Club. APP photo by Mustafa Lashari

لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي جڏهن ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولو اينڊ ڪنٽري ڪلب ۾ ماسٽر پينٽس جناح گولڊ ڪپ 2021ع جي فائنل مئچ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ٽورنامينٽ ڊائمنڊ پينٽس جي ٽيم کٽي ورتو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪرڪيٽ ۽ هاڪي وانگر پولو جي فروغ جي لاءِ پڻ قدم کڻڻا پوندا.

مضمون کا ماخذ : apostas quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں