مريم اورنگزيب پاران ناليواري اداڪاره بشريٰ انصاري ۽ اسما عباس جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري اداڪاره بشريٰ انصاري ۽ اسما عباس جي والده محموده خانم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بشريٰ انصاري جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو ۽ والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں