شيخوپوره – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏا خواب ڏسندڙ ئي وڏا ڪم ڪندو آهي، راوي ريور فرنٽ اربن ??ولپمينٽ پراجيڪٽ جي ذريعي نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي رهيو آهي، ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي ??رض?? جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي هليا ويا، ??رض?? جي واپسي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا جنهن سان مشڪلاتون اچي رهيون آهن، هو راوي ريور فرنٽ اربن ??ولپمينٽ پراجيڪٽ جي سنگ بنياد رکڻ کي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته مون کي ان منصوبي ۾ نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي رهيو آهي، ان منصوبي ۾ سمورو پئسو نجي شعبي کان ايندو جڏهن ته حڪومت صرف سهولتون فراهم ڪندي، اوورسيز ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن.