اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي ا??رن جي ڏس ۾ معاشي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مزدور طبقي جي لاءِ 200 ارب رپيا، معاشري جي انتهائي غريب طبقي جي لاءِ 150 ارب رپيا، برآمد ڪندڙن کي فو??ي 100 ارب رپيا ريفنڊ ڪرڻ، ننڍين، وڏين صنعتن ۽ زراعت جي لاءِ 100 ارب رپيا، يوٽيلٽي ا??ٽورز جي لاءِ 50 ارب رپيا، لاڪ ڊائون ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب رپيا ۽ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري جي لاءِ 280 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي چار مهينا ماهوار 3 هزار رپيا امداد ڏني ويندي، 300 ي??نٽ تائين بجلي ۽ گئس جا بل ٽن مهينن جي قسطن ۾ ورتا ويندا، پيٽروليم مصنوعات تي ٽيڪس 15 رپيا گهٽ ڪري رهيا آهيون، دالين سميت ضرورت جي شين تي ٽيڪسن جي شرح گهٽ ڪري رهيا آهيون، تعميراتي صنعت جي لاءِ خاص مراعاتي پئڪيج ??يا?? ڪري رهيا آهيون، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ به خاص پئڪيج ??يا?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.