اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نئين پاڪستان ۾ عوام ۽ هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جو سرمايو محفوظ آهي، حڪومت جا ??نصوبا جاري ٿيڻ کان مڪمل ٿيڻ تائين جي عمل تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران خان جيڪي سڌارا متعار?? ڪرايا آهن انهن ذريعي عوام کي يقين ڏياريو ويو آهي ته توهان جي هڪ هڪ پئسي جا امين آهيون، دوکيبازي، هيراڦيري ۽ ناانصافي کي روڪڻ، قانون کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام متعارف ڪ??اي?? ويو آهي، راڻا ثناءُ الله جون رڙيون ماڻهن ٻڌي ورتيون آ??ن. ??هڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پراپرٽي ايڪسپو 2020ع جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.