سر??نگ?? – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ??ڄ ڪارو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن ج?? مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي ۽ ڪشميرين جي امنگن جي خلاف قبضو ڪري ??کيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعت?? حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحي?? ۽ ??ريندر مودي جي شيطاني ڀارتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي مذمت لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعت?? حريت ڪانفرنس سر??نگ?? ۾ هڪ بيان ۾ ڪشميرين کي چيو ته اهي اڄ دنيا کي اهو باور ڪرائين ته ڪشمير کي ڀارت جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ تائين اهي سک سان نه ويهندا. بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ هڪ ڪارو ڏينهن آهي.