گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري فلس??ين?? عوام جي خودمختياري جي حق ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجائيندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو خودمختيار فلس??ين?? رياست قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، عالمي برادري کي مصيبت ۾ ورتل فلس??ين??ن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ شهري آبادي جي خلاف اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي فلسطين بابت ڇهه رڪني ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪند?? ڪيو. او آءِ سي جي فلسطين بابت ڪميٽي ۾ پاڪستان، سينيگال، ملائيشيا ۽ گني ??ي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ فلس??ين?? اٿارٽي جو اعليٰ سفارتڪار ان جي ڇهين ميمبر طور شامل آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل فلسطين ۾ اسرائيلي قبضي ۽ ظلم پوري وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام، ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن جو بنيادي سب?? آهن. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي جيڪو خطي ۾ عدم تحفظ ۽ انج?? ڪيترن ئي تڪرارن جو جز آهي موثر طريقي سان پهرين ۽ فوري ترجيح طور حل ڪرڻ گهرجي. هن اسرائيل پاران فلس??ين?? شهرين بشمول ٻارن جي مسلسل قتل ۽ زخمي ڪرڻ، مقدس جاين جي تقدس جي خلاف ورزي، فلس??ين??ن جي گهرن کي مسمار ڪرڻ ۽ فلس??ين?? خاندانن جي زبردستي لڏپلاڻ ۽ فلس??ين?? صحافي شيرين ابو عقيله جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جاري رتوڇاڻ کي روڪڻ ۽ والاريل علائقن ۾ فلس??ين?? عوام جي انساني وقار ۽ انساني ??قن جي بحالي لاءِ ڪنهن به قدم ۾ ٻين ميمبر ملڪن سان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته فلس??ين?? عوام جي خلاف جاري جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. عالمي برادري کي مصيبت ۾ ورتل فلس??ين??ن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ شهري ابادي جي خلاف اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته جارحيت ڪندڙ اسرائيل ۽ مظلوم فلس??ين??ن جي وچ ۾ غلط برابري پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ناقابل معافي آهن، مسلمان امت جي گڏيل آواز طور او آءِ سي کي ان فريبي تاثر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. اسرائيل پاران بشمول چوٿين جنيوا ۽ ٻين انساني ??قن جي ڪنوينشنز ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي جي خلاف انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب احتسابي طريقيڪار بڻائڻ گهرجي. هڪ خودمختيار ۽ قابل عمل فلس??ين?? رياست جو قيام، 1967ع کان اڳ جي مڃيل حدن ۾ القدس الشريف جي گادي واري شهر طور تي فلسطين اسرائيل تڪرار جو واحد آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ امن عمل ضروري آهي. هن فلس??ين?? عوام جي جائز حقن خاص طور تي انهن جي مڃيل خودمختياري حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان جي مستقل حمايت کي ورجايو.