اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنر?? انٽونيو گوٽريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري ملاقات دوران پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان سدائين ??نهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي حل جي حمايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽ?? زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ?? انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين ۽ غيرقانوني آبادياتي تبديلين ??ي سنگين ??ورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو.