اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي آهي. ايوان آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪندو. ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران باقاعده چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويندو، حڪومتي ميمبر اس??يڪ?? پاران استعيفيٰ جي اعلان کا??پوءِ ايوان مان هليا ويا. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات 14 ڪلاڪن کا?? وڌيڪ جاري رهندڙ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بي اعتمادي جي قرارداد تي ووٽنگ دوران صدارت پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر سردار اياز صادق ڪئي. هن سمورن ميمبرن کي بي اعتمادي جي قرارداد تي ووٽنگ جي طريقيڪار کا?? آگاهه ڪيو جنهن کا??پوءِ 5 منٽن جي لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون. ميمبرن جي ايوان ۾ اچڻ کا??پوءِ هال جا داخلي دروازا بند ڪيا ويا ۽ اوپن ڊويزن جي بنياد تي ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو ويو ان دوران تاريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿيڻ کا?? هڪ منٽ اڳ پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر اياز صادق اجلاس ڪجهه منٽن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن کا??پوءِ اجلاس جي ڪارروائي جي باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت، حديث، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ قومي تراني سان ??ئي وئي جڏهن ته نئين ايجنڊا ميمبرن ۾ ورهائي وئي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 25 جولاءِ 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آ??ي ۽ عمران خان 18 آگسٽ 2018ع تي وزارت عظميٰ جو حلف کنيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ق)، عوامي مسلم ليگ، جي ڊي اي، بي اي پي ۽ ڪجهه ٻيا آزاد ميمبر شامل هئا. عمران خان 3 سال 7 مهينا 21 ڏينهن تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهيو. عمران خان پارلياماني تاريخ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي باقاعده آئيني طريقيڪار تحت بي اعتمادي جي قرارداد جي ذريعي پنهنجي عهدي تان هٽايو ويو. ان کا?? اڳ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي جيڪا ناڪام رهي ان کا??پوءِ 2006ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شو??ت عزيز جي خلاف پڻ مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام رهي. پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، جمهوري وطن پارٽي سميت ٻين پارٽين ۽ آزاد مخالف ڌر ميمبرن پاران وزيراعظم عمران خان جي خلاف 8 اپريل تي بي اعتمادي جي رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن کا??پوءِ حڪومت جي اتحادي پارٽين، بي اي پي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) جي ڪجهه ميمبرن پڻ مخالف ڌر سان تعاون ڪرڻ جو اشارو ظاهر ڪيو اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي قرارداد مجموعي طور تي 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي. قومي اسيمبلي جو اس??يڪ?? اسد قيصر پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، اهڙي طرح نئين اس??يڪ?? جي ونڊ جي لاءِ پڻ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪندي ۽ قائد ايوان جي چونڊ کا?? اڳ نئين اس??يڪ?? جي چونڊ پڻ ??ئي ويندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اس??يڪ?? قاسم خان سوري پڻ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي اهڙي طرح اس??يڪ?? سان گڏ نئين ڊپٽي اس??يڪ?? جي پڻ چونڊ آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت عمل ۾ آندي ويندي. پي ٽي آءِ جي مبينا منحرف ميمبرن رانا قاسم نون، نور عالم خان، راجا رياض، وجيهه اڪرم، نزهت پٺاڻ، عامر لياقت حسين، ڊاڪٽر افصل ڍانڍلا، رياض مزاري، طلال گوپانگ، باسط بخاري سميت ٻين ميمبرن قرارداد جي حق ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. چوڌري شجاعت حسين جي پت ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبر چوڌري سالڪ حسين پڻ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ آخر تائين ايوان ۾ موجود رهيا.