اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هاڻي سينٽرل جيل جي حاضري رجسٽ?? جو صفحو مٽجي چڪو آهي، ڏوهاري چار سال ملڪ تي مڙهيل ۽ بيگناهه جيل?? ۾ ??هيا. گهرو وزارت جو قلمدان سنڀا??ڻ کانپوءِ پنهنجي مختصر بيان ۾ هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪرم سان بيگناهن کي عزت ڏني ۽ سرخرو ڪيو آهي. الله تعاليٰ جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي قدرت جو اه?? نظارو عوام کي ڏيکاريو آهي، ٻين کي رسوا ڪر?? جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ خوار ٿي ويا آهن، هاڻي آئين ٽوڙيندڙ ۽ گهڙي چور جيلن ۾ ويندا.