اسلام آباد ?? 04 ????ور?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عام ماڻهن کي رليف پهچائڻ لاءِ سڀني جاري ت??قي??تي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياري شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??هي. اها هدايت هن بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان ڳالهائيندي ڏني جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان صوبي خاص طور تي اتر بلوچستان جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان عام ماڻهن کي رليف پهچائڻ لاءِ سمورن جاري ت??قي??تي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعطم بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تياري شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.