اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان اڄ خميس تي لاهور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزي??اع??م لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪندو. ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني تي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائ?? لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪر?? لاءِ 12 ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ويندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. وزي??اع??م ان موقعي تي خطاب به ڪندو. وزي??اع??م لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ وزي??اع??م گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي نيو ڪيمپس ۽ ابو الحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر آن صوفي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪندو.