اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مر??ا محمد آفريدي چيو آهي ته حڪومت معذور ماڻهن کي تعليم ۽ ملازمتن جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. خصوصي ماڻهن جي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معذور ماڻهن جي حقن جي سلسلي ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ ان جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هنن پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته معذورن کي حقن جي فراهمي معاشري ۾ برابر?? ۽ ??نصاف جي قيام لاءِ ضروري آهي. پاڪستان ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اسان کي زندگي جي سڀني شعبن ۾ خصوصي ماڻهن کي برابر ترقياتي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته معاشري کي انه?? ماڻهن جي ضرورتن جو احساس هجڻ گهرج?? ۽ ??نهن جي ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. معذورن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.