اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ عورتن ۽ ??وج??انن جي شرڪت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊيجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل ت??اون تنظيم (ڊي سي او) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل ويمه اليحييٰ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آءِ ٽي وارو سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت پڻ ان موقعي تي موجود هو. صدر چيو ته حڪومت جي موثر پاليسي جي ڪري پاڪستاني آءِ شعبي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهيا آهيون. صدر چيو ته عورتون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪاروبار ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺي سگهن ٿيون، ??وج??انن کي هنرمن?? بڻائڻ جو پروگرام ڊيجي اسڪلز هيستائين 10 لک ??وج??انن کي تربيت ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ورچوئل ايجوڪيشن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. صدر ۽ پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن 2023ع ۾ مڪمل ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. صدر عارف علوي چيو ته ڊي سي او ڊيجيٽل ت??اون وڌائڻ ۽ گڏيل ت??ربن مان سکڻ جي ل??ءِ بهترين پ??يٽ فارم آهي. ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي تنظيم جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ڊي سي او پاڪستان کي آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي ل??ءِ دلڪش ملڪ طور پيش ڪندي، ڊي سي او جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ڊيجيٽل ت??اون تنظيم پاڪستان کي ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي ڪندڙ ملڪ طور اجاگر ڪندي ۽ عورتن ۽ ??وج??انن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ ڪم ڪندي رهندي. هن چيو ته ڊي سي او عورتن ۽ ??وج??انن کي نوڪريون ڳولڻ بدران نوڪريون پ??دا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪندي.