اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب ج?? وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ملاقات ۾ ناڻي وارو صلاحڪ??ر شوڪت ترين پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پنجاب جي انتظا??ي معاملن جي اصلاح لاءِ کنيل قدمنتي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ ذخيره اندوزن جي خلاف جا??ي آپريشن تي اڳڀرائي ۽ آبادگار ڪارڊ ۽ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان جي مثبت اثرن تي پڻ ڳالهه ٻول??ه ٿي.