اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱاري جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو. دوري جي پڄاڻي تي هو رياض ۾ سعودي عرب جي نائب پرڏيهي و??ير عادل بن احمد ال جبير وزيراعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وزيراعظم سان پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو و??ير حماد اظهر، ناڻي وارو و??ير شوڪت ترين، وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم به گڏ هئا، وزيراعظم مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو سربراهه ا??لا?? ۾ شرڪت ڪئي ۽ ا??لا?? کي خطاب به ڪيو. هن سعودي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي، دوري جي موقعي تي وزيراعظم سعودي عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وزيراعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ نوافل ادا ڪيا، هن عمري جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي سلام??ي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.