لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کان 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ آيو، افغانستان جي منجمند اثاثن کي کوليو وڃي، افغان عوام کي اڄ مالي ۽ انساني مدد جي ضرورت آهي، هو”پاڪستان هائوس لنڊن“ ۾ برطانيه جي پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي پا??ليامينٽ جي ميمبرن کي چ??ندس ته هو افغانستان جي مسئلي کي پا??ليامينٽ ۾ ضرور اجاگر ڪن، افغانستان ۾ عدم اس??حڪام توهان کي نظر اچي رهيو آهي اهو اڳوڻن ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪري آهي. هن چيو ته افغانستان جي 34 صوبن ۾ طالبان کي ڪنهن مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو، تاشقند ۾ اشرف غني پاڪستان تي هروڀرو الزام لاڳايا ۽ پاڪستان کي صورتحال جي خرابي جو ذميدار قرار ڏنو، نائين اليون کانپوءِ اس??ن کان تقاضا ڪئي وئي ۽ اس??ن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اتحادي بڻجون، اس??ن جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ اس??ن کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان کڻڻو پيو، هن چيو ته اس??ن افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان حقيقتن کي دنيا جي سامهون رکيو، پرڏيهي وزير عالمي برا??ري کي چ??و ته هو افغانستان کي اڪليو نه ڇڏي، افغانستان ۾ هڪ انساني بحران جنم وٺي رهيو آهي جيڪڏ??ن ان جو فوري ازالو نه ڪيوويو ته پناهگيرن جي يلغار کي منهن ڏيڻو پوندو. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ??ن افغانستان ۾ عورتن کي برقي بنا ڪابل جي رستن تي ڏٺو آهي ۽ ٻارڙين کي اسڪول ويندي ڏٺو آهي ۽ منهنجي ڄاڻ موجب اڄ افغانستان جي اندر امن امان جي صورتحال بهتر آهي، اس??ن افغان شهرين جي مدد ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير عالمي برا??ري کي چ??و ته هو افغانين جي انساني بنيادن تي مدد ڪن ۽ ۽ افغانستان جي منجمند اثاثن کي کوليو وڃي، اڄ کين مالي ۽ انساني مدد جي ضرورت آهي. اڄ جيڪڏهن عالمي برا??ري هٿ پوئتي ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ ايندڙ تباهه ڪارين جو ذميدار ڪري هوندو؟. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ قائم ڪرڻ گڏيل ذميداري آهي. ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ٻن سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام بدترين ڀارتي گهيراءُ کي منهن ڏئي رهي آهي، سيد علي گيلاني جي مڙهه جي بي حرمتي ڪئي وئي، انساني حقن جي ڪوڙن چيمپيئنز ان جي خواهش موجب تدفين جي اجازت تائين نه ڏني. هن چيو ته ٺوس ثبوتن سان اس??ن 131 صحفن تي ٻڌل ڊوزيئر جاري ڪيو جنهن ۾ ڀارتي قابض فوج جي جنگي ڏوهن جا ثبوت آهن. پاڪستاني برطانوي ڪميونٽي پاڪستان جي آواز کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اس??ن چاهيون ٿا ته برطانوي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، اس??ن چاهيون ٿا ته اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻٽي شهريت جي پا??ندي کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ تجربيڪار ماڻهو پاڪستان جي پا??ليامينٽ ۾ اچن، پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کان 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ آيو، هن چيو ته هلندڙ سال اس??ن 40 سالن کان گهٽ عمر جي ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪامياب پاڪستانين جي حوصلا افزائي جو فيصلو ڪيو آهي.