دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو، تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات ??ارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري مع??مل?? وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ نيشنل سيڪيورٽي وارو ايڊوائيزر ڊاڪٽر معيد يوسف به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات ??اءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو، وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فرو?? ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ ??عل??ٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ آهي.