اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيلينا جارجيوا خط موڪليو ??هي جنهن ۾ افغانستان مان پنهنجي اسٽاف ۽ ان جي وارثن جي واپ??ي جي حوالي سان مثبت ڪردار تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان مان واپ??ي جي حوالي سان پاڪستان جي اهم ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انتهائي مشڪل وقت ۾ افغانستان مان آءِ ايم ايف اسٽاف ۽ سندس خاندانن جي حفاظت سان واپسي تي دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم جي نالي خط ۾ پرڏيهي وزير، ناڻي واري وزير، دفاع واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي به ساراهيو آهي. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ واپ??ي جي حوالي سان پاڪستان پاران اعليٰ سطح تي ڪيل ڪوششون اهم اهميت رکندڙ آهن، هن چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پارٽنرشپ تي ٿورائتا آهيون ۽ ان تعاون جي تس??سل جا خواهشمند آهيون، ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.