اسل??م آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جرمني سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان خطي جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ميڊيا کي آزادي حاصل آهي، جرمني جي فلم ساز ۽ ڊرامه پروڊيوسرز پاڪستان اچن ۽ ڪئميرا جي اک سان هماليه سلسلي جي خوبصورتي دريافت ڪن. اها ڳالهه هن جرمني جي سفير برن هارڊ اسٽيفن شليگ هيڪ سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن ف??م ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جرمني جي ف??م ۽ ڊرامه پروڊيوسرسز ايسوسيئيشنز سان زوم ميٽنگ ج?? انعقاد جي تجويز ڏني، هن چيو ته پاڪستان ان پهرين ايشيائي ملڪن ۾ شامل آهي جنهن جرمني سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، هن چيو ته علامه اقبال جا جرمني سان لاڳاپا ۽ هيڊلبرگ ج?? باري ۾ سندس شاعري کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو فلم ج?? حوالي سان پرڏيهي وزارت جي تجويز جوائنٽ پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه بخشيندي.