اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افراتفري پکيڙڻ جي غرض سان ڪيل منظم تشدد جي خلاف پوليس فورس جي جرئتمنداڻي ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ??نه??جي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??ڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي غرض سان انتشار پکيڙڻ جي ڪوششن ۽ منظم تشدد جي خلاف پوليس فورس تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ان دوران 4 اهلڪار شهيد ٿيا ۽ 600 زخمي ٿيا، اسان جي قوم ??نه??جي هيروز کي نه وساريندي، اسان انهن ??ي خاندانن جي سارسنڀال ڪنداسين.