اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ?? ڪمانڊر جنرل شوندراسلوا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي متقفه راءِ رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان ٻڌ سياحن جي لاءِ هڪ پرڪشش منزل آهي، سريلنڪا جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ مذهبي ۽ قدرتي ماڳن جو دورو ڪرڻ ??ي ترغيب ڏني وڃي. صدر عارف علوي سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ?? ڪمانڊر ڱي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.