اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ??ه انفارميشن ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي غير ملڪي سيڙپڪ??رن?? ملڪي ڪمپنين ۽ تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاء?? ڪم ڪندي ته جيئن اهي ??نفارميشن ٽيڪنالاجي مان پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب جو سبب بڻجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم چيو ته ان اٿارٽي سان پاڪستان ۾ قومي انوويشن سسٽم جي فروغ ۾ مدد ملندي، ان اٿارٽي جو خصوصي اختيار ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جي قيام ۾ اهم قائداڻو ڪردار هوندو، اهي ??ونز پاڪستان جي هاءِ ٽيڪ برآمدات ۾ اضافو ۽ دنيا جي وڏي سائنس ?? ٽيڪنالاجي مرڪز کان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو سبب هوندا. وز??راعظم چيو ته انهن زونز جي ذريعي جامع ڪوششون ۽ جامع قومي ترقي ۽ پاڪستان جي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي استعمال ۾ مدد ملندي.