اسلام آباد – پهرين ج??وري (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي ??زي?? ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس جي پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي م??در جو دورو ڪيو. اتي پارلياماني سيڪريٽري م??امي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي ??نتظاميه ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون ج?? خاطري ڪرائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته مندر تي حملو پوليس جي م??جودگي ۾ ٿيو. پوليس جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس مهراج جي م??در تي حملو ڪندڙ مرڪزي م??زم مولي محمد شريف کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين 45 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري هندو برادري کي خاطري ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اقليتن ج?? تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري جي م??دس ماڳن ج?? به حفاظت ڪندي.