اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثمان ڊ??ر چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ م??وم??نٽ (پي ڊي ايم) جو اتحاد ضمني چونڊن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم جون پارٽيون استعيفائن جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چيو ته پاڪستان پ??پل??پارٽي پهرين پارٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ڌار ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پ??پل??پارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته سنڌ ۾ ضمني چونڊون ڪرائي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پ??پل??پارٽي اسيمبلي تان استعيفائن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثمان ڊ??ر وڌيڪ چيو ته پ??پل??پارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.