اسلام آباد – 17 8211; ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مسيحي برادري کي ڪرسمس تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب مسيحي برادري سميت سمورين اقليتن کي پاڪستان ۾ مذهبي، ثقافتي آزادي ۽ سمورن حقن جو تحفظ حاصل آهي، مسيحي برادري کي به برابر م??قعا ۽ مقام حاصل آهي. هو پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ (پي ب?? سي) ۾ ڪرسمس شو ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو.