اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهي مخالف ڌر م??مبر جيڪي اڳ ۾ ملڪ ۾ سخت ترين ??اڪ ڊائون نه ٿيڻ تي تنقيد ڪندا هئا هاڻي عدالتي حڪمن جي خلا?? ورزي ڪندي جلسا ڪري عوام جون زندگيون خ??ري ۾ وجهي رهيا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جا اهي ميمبر جيڪي اڳ ۾ سخت ترين بندشون چاهيندا هئا ۽ مون تي طنز ۽ تنقيد جا تير هلائيندا هئا اڄ ماڻهن جون زندگيون خ??ري ۾ وجهي انتهائي غيردانشمنداڻي سياست ڪري رهيا آهن.